ڄام نظام الدين سمون

ڄام نظام الدين سمون

ڄام نظام الدين سمون

ڄام نظام الدين سمون (ڪتاب): هي ڪتاب ليکڪ ۽ استاد آزاد قاضيءَ جو ترتيب ڏنل آهي، هن ڪتاب ۾ سمن جي دور جي سنڌ جي محبِ وطن حاڪم ڄام نظام الدين سمي بابت مختلف ليکڪن ۽ اديبن: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ايم ايڇ پنهور، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، ڊاڪٽر گل حسن لغاري،صبا حسن صفائي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، آزاد قاضي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي، قريشي حامد علي خانائي، نظير احمد شاڪر بروهي ۽ احمد حسين درانيءَ جا مضمون شامل آهن. هي ڪتاب پير حسام الدين راشديءَ جي سو سالا يوم پئدائش جي موقعي تي شايع ڪيو ويو آهي ۽ ان جي ارپنا جرمن اسڪالر ڊاڪٽر اينيمري شمل جي نالي ڪئي وئي آهي. ڊيمي سائيز جي 168 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب لاکو ڦلاڻي پبليڪيشن نوابشاهه/ڪراچي پاران 2011ع ۾ ڇپايو ويو آهي ۽ ان جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو